پير لاکيو تاريخي ماڳ

پير لاکيو (تاريخي ماڳ ):هيءُ ماڳ جوهيءَ کان سترنهن، ارڙهن ميلن جي مفاصلي تي منڇر جي ڪنڌيءَ تي واقع آهي. جنهن جي اولهندي طرف کان نارو پڻ ڇوڙ ڪندو هو. هتان ديوي (Mother Goddess)، ڍڳي جي مورتين کان سواءِ وڏي تعداد ۾ گاڏين، چوڙين ۽ ٻين قديم شين آثار مليا آهن، جن جو تعلق پڻ موهين جي دڙي ۽ لوهم جي دڙي سان جڙيل نظر اچي ٿو. هن ماڳ کي ماهر سنڌو تهذيب جو موهن جي دڙي کان پوءِ ٻيو مرڪز ڪري ليکين ٿا ۽ انديشو ظاهر ڪن ٿا ته هيءُ دڙو پڻ موهين جي دڙي واري ساڳئي دؤر جي قديم تهذيب جو آثار آهي. هتان مليل شين جو نمونو موهين جي دڙي جي تهذيبي آثارن سان ملندڙ جلندڙ آهي. هتان مليل ديويءَ جي مورتي بابت ماهرن جو خيال آهي ته هن قديم شهر جا رهواسي ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو